المدة الزمنية 5800

نوابشاهه ۾ ضلع ڪونسل ميمبرن ،چيئرمينن،وائس چيئرمين کان حلف کڻايو ويو كندا

بواسطة Sindh Talk
123 مشاهدة
0
1
تم نشره في 2023/05/23

نواب شاھه ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ڪنول نظام شيخ اڄ بلدياتي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندڙ ضلع ڪائونسل جي ميمبرن کي ڊي سي آفيس جي درٻار هال ۾ حلف کڻايو ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ڪنول نظام شيخ چونڊيل ميمبرن کي مبارڪ باد ڏيندي چيو ته هو اڄ کان باقائده ضلع ڪائونسل جا ميمبر چونڊجي چڪا آهن ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته اميد آهي ته چونڊيل نمائندا پنهنجي علائقي جي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ سميت ضلع جي ترقي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا ڊپٽي ڪمشنر ضلع ڪائونسل جي 56 ميمبرن کي حلف کڻايو ان موقعي تي تقريب ۾ ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر شهيد بينظيرآباد پرويزاحمد ڪلوڙ ضلع ڪائونسل جي چونڊيل نمائندن کي مبارڪ ڏني ۽ ٻڌايو ته جيڪي به ميمبر اڄ حلف ناهن کڻي سگهيا اهي ٻن ڏينهن اندر حلف کڻي وٺن. ٻئي طرف اسسٽنٽ ڪمشنر نواب شاھه علي شير جمالي پڻ ٽي ايم سي ايڇ ايم خواجه جي يونين ڪميٽي 1 کان 10، ٽي ايم سي اولڊ نواب شاھه يونين ڪميٽي هڪ کان 9 ۽ يونين ڪائونسل 20 کان 24 جي چونڊيل 24 چئيرمين ۽ وائيس چئيرمين ۽ 92 جنرل وارڊ ميمبرن کي حلف کڻايو جڏهن ته سڪرنڊ، قاضي احمد ۽ دوڙ جي اسسٽنٽ ڪمشنرن پاران پڻ پنهنجي تعلقي جي چونڊيل چئيرمين ، وائيس چئيرمين ۽ جنرل وارڊ ميمبرن کي حلف کڻايو ويو.

الفئة

عرض المزيد

تعليقات - 0